اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ جي ل??ءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي ل??ءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي ص??اح??ت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي ل??ءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.