اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان معيشت، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪس??ان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪس??ان – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل ??هن. صدر موجوده اقتصادي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سعودي عرب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪس??ان ۾ آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود ??هن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن پاڪس??ان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ پاڪس??ان هائوس جي خريداري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانس??ان تي مستقل حمايت تي سعودي عرب ۽ ان جي قيادت کي ساراهيو. صدر ايران سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي حج ۽ عمره واري وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب حاجين کي حج ۽ عمري جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهندو. صدر سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو. صدر پاڪس??ان جي ??سلسل حمايت ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا.