اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ چيو آهي ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳا??ن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ??ي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم برطانيا خاص طور تي برطانوي سياسي نظام ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳا??ن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ??اڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي سياسي قيادت ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.