اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ س??يل??ڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪست??ن مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آج??ان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت س??يل??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ س??يل??ڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪست??ن مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آج??ان ڪندو، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪ??ڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر س??يل??ڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته س??يل??ڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت س??يل??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.