اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ا??ب روپيا رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 890.2 ا??ب روپيا خساري سان گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ا??ب روپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ا??ب رڪارڊ ڪيو ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي با??جود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ا??ب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل مالي سال جي 1052.2 ا??ب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ا??ب روپين تائين پهچي ويو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ا??ب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 8439.8 ا??ب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ا??ب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ا??ب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ ا??افي جو بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ ا??افو ۽ روپئي ??ي قدر ۾ گهٽتائي ??هي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سان 1060.4 ا??ب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1051.1 ا??ب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ??ان گڏ 1014.0 ا??ب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1032.7 ا??ب روپيا رهيو.