پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي، ڪنهن ب?? بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي، سول عمارتن تي حملن جي ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ م??صو??اسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اج??اس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اج??اس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي اج??اس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 مئي تي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي اج??اس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن ۽ م??صو??اسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قانون ??وج?? ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف قانون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ته ان عمل ۾ ڪنهن ب?? بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان ب?? زيادتي نه ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا م??صو??ابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قانون ??وج?? سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت س??جه?? ادا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.