لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪ??و ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران باب?? عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن ت?? وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.