اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته ج??ئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هئي جنهن ۾ پاڪ چين سدا??ها?? اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اجاگر ڪيو ويو. شهباز شريف چيني وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ ان جي تازي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو چيني قوم جي گهري اعتماد ۽ عوامي خدمت ۾ ان جي ڪيترين ئي ڪاميابين سان پيدا ٿيندڙ ان تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. سدا ??ها?? حصيدارن ۽ ويجهي دوستن جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پرامن ترقي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي مثبت عنصر طور ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي يقين ظاهر ڪيو ته چين ترقي ۽ بحالي طرف پنهنجي سفر ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪندو رهندو. وزيراعظم چين جي بنيادي مسئلن بشمول ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، تبت، سنڪيانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف ۽ بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. چيني وزيراعظم چين جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي ترقي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سدا??ها?? دوست جي حيثيت سان چين پاڪستان سان هر وقت گڏ بيٺل رهندو. نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت سان وسيع ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت اهم شعبن ۾ ٻط??في تعاون جو جائزو ورتو. هن سمورن شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته ج??ئن علائقائي امن، خوشحالي ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.