اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي 18 آگ??ٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022?? جي عرصي کي ”معاشي بدحالي جو دور“ ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال کي ڪاميابين جو سال قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽ??ئي?? جي ذريعي اڳوڻي حڪومت جي ساڍا 3 سال ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي 18 آگ??ٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022?? جي عرصي ۾ کنڊ اسڪينڊل، اٽو 35 رپين مان 100 رپيا، مهانگي قيمت تي ايل اين جي خريداري، انرجي ٽرمينل جي بندش، بجلي جي منصوبن تي ترقياتي ڪم بند، سي پيڪ پراجيڪٽ بند، 6.10 جي ڊي پي کان منفي اعشاريه، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي هيٺئين لڪير تي ڌڪڻ ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو اهو دور بدحالي جو دور هو. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت جي 10 اپريل 2022ع کان شروع ٿيندڙ سفر کي هڪ سال مڪمل ٿي چ??و آهي. ان دوران اورنج ٽرين، يوٽيلٽي اسٽور پئڪيج، روات فلائي اوور، پاور پراجيڪٽس، عوام دوست بجيٽ، پي ايم فلڊ ريليف پروگرام، بي آءِ ايس پي جي بحالي، فاٽا ۾ ڪاميابي، آبادگار پئڪيج، وياج کان پاڪ نظام، سي پيڪ جي بحالي، عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ 9 ارب ڊالر جي امداد، ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لا??ِ امداد جي فراهمي، وزيراعظم مفت اٽو، بي آءِ ايس پي بجيٽ ۾ 40 ارب جو اضافو، ليپ ٽاپ اسڪيم جي نئين سر شروعات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، پرائيم منسٽر ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ جي شروعات، آبپاره فلائي اوور جي تعمير، توانائي جي 3 منصوبن سان 1800 ميگاواٽ اضافي پيداوار، تار ڪول ٿرڪول پاور پلانٽ منصوبو، پرائيم منسٽر بااختيار انٽرن شپ پروگرام، ٽيلي اسڪول ڊيجيٽل تعليم پروگرام، نيشنل ايڪشن پلان جي بحالي ۽ عدالتي سڌارا ڪيا آهن.