اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پا??ستان جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها، 2008ع کان هن ??يو??ن جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارل??ام??نٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوالي سان بل جي پهرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پا??ستان هن وقت مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پا??ستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، جمهوري، آئيني بحرانن سميت دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو، معاشي بحران ج?? ڪجهه سبب اهڙا آهن جن تي اسان جو اختيار نه آهي، ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ج?? ماڻهو شديد معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري 33 ملين ماڻهو ۽ پا??ستان جو ٽيون حصو پا??ي ۾ ٻڏل رهيو، اها تاريخي قدرتي آفت هئي جنهن اسان جي معيشت کي نقصان پهچ??يو?? ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جي مسئلن ڪنڌ کنيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي سياسي قائدين، پوليس، فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته وري اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي هڪ اهڙو وزيراعظم مڙهيو ويو جنهن اي پي ايس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جيل مان آزاد ڪرايو ۽ معاف ڪيو، قبائلي عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم انهن دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي اسان جي قبائلي علائقن ۾ ره??يو?? ملڪ جي معاشي ۽ سيڪيورٽي بحران جي پٺيان اڳوڻو سليڪيٽيڊ وزيراعظم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ جمهوريت جي بحالي لاءِ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو جنهن جي ڪري ڪجهه جمهوري قوتن پو??ي طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پا??ستان جي عوام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪئي، انهن سمورن قدمن جو مقصد جمهوريت کي بدنام ڪري هاءِ بريڊ نظام قائم ڪرڻ هو، عمران خان کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي هر جمهوري قدم تي سدائين غيرجمهوري رويا سامهون آيا، اسان جمهوري طور تي بي اعتمادي جي رٿ آندي جنهن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان انهن بحرانن کي منهن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته انهن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان ج?? سهولتڪار موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پا??ستان جيڪڏهن جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ڊيم فنڊ قائم ڪرڻ جو اختيار نه هو. هن چيو ته هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها ڇو ته 2008ع کان هن ??يو??ن جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارل??ام??نٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين.