اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌ??ئڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۾ مالياتي خدمتن جي ڪردار جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيشنل رورل سپورٽ پروگر??م جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد باجوه، اين او ڊبليو پي ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد م??مو??، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسلامڪ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر غلام محمد، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر م??مو?? حسين، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌ??ئڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن کي ا??هن جي هنر موجب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جي 10 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪ??هن نه ڪ??هن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي مختلف جسماني ۽ مالي رڪاوٽون درپيش آهن، ا??هن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ روزگار فراهم ڪري مالي طور تي خودمختيار بڻ??ئڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگر??م جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد باجوه خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانشل سروسز فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام 72 ضلعن ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بحالي جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام خصوصي ماڻهن کي مالي خدمتن، مصنوعي عضون ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. پروگرام تحت خصوصي ماڻهن ۾ قرضن جي ذريعي 150.5 ملين رپيا ورهايا ويا آهن، ان کانسواءِ 3346 خصوصي ماڻهن کي مائيڪرو هيلٿ انشورنس ڪوريج ۽ 14039 خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضوا فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوٽيڪ ڊاڪٽر خالد م??مو?? اجلاس کي ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوصي ماڻهن کي مفت تربيت ۽ هنر فراهم ڪرڻ، مفت رهائش ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ڊائريڪٽر اسلامڪ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان غلام محمد ٻڌايو ت?? بئنڪن پاران جلد ئي خصوصي ماڻهن جي لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ا??هن کي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.