اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولرائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ توانائي بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪند?? وزيراعظم چيو ته ملڪ گير سولرائيزيشن منصويي تي عملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرس??ئي??لز ۽ سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس ??ڪم?? عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي وڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرس??ئي??لز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي گهٽ کپت وارن پنکن ۽ بلبن جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جو عمل شروع آ??ي جڏهن ته تعليم وار?? وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن وٽ پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سولرائيزيشن جو عمل پڻ شروع آ??ي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت وار?? وزارت پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرس??ئي??لز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ادارن کان ان تي راءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ ??ڪم?? عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ انرجي ايفيشينٽ پنکا ۽ بلب ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل آهن، ايندڙ مالي سال کان ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻ?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاق?? وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪت?? وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.