اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ارد?? يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ?? مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن جي اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان بيت ??لمال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ارد?? يونيورسٽي پاران شاگرد جي مارڪ شي?? ۽ ??گري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن جي اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پاڪستان بيت ??لمال کي متاثر شاگرد جي شڪايت ??و ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي ارد?? يونيورسٽي ۽ پاڪستان بيت ??لمال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ?? مارڪ شيٽُون روڪيون، پاڪستان بيت ??لمال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ادا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو عمل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ?? مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت ??لمال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت ??لمال فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.