اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ڪامياب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دن??ا فلم کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم ??ي ذريعي اسان پ??هن??ي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان 1971ع ۾ دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪستاني فلم ??نڊسٽري خاموش ٿي ته اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي، 2011ع ۾ فلم ??نڊسٽري ۾ ٻيهر بحالي جو عمل شروع ٿيو، پاڪستان جي پهرين نيشنل فلم ??ينڊ ڪلچر پاليسي 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف شروع ڪئي، حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم ??نڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، يونيورسٽين ۾ فلم ??ازي جي حوالي سان نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خ??ص وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته ڊي پي ورلڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت ناليوارا اداڪار ۽ شاگرد جا والدين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل اميچور فلم فيسٽيول پاڪستان جي نيشنل فلم ??ينڊ ڪچرل پاليسي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين نيشنل فلم ??ينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2017ع ۾ ڪئي هئي، ان پاليسي تحت فريم ورڪ تيار ڪيو ويو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ان پاليسي تحت فراهم ڪيل فائدا فلم ميڪرز، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن کي نه ملي سگهيا. هن چيو ته فلم ??ازي ۽ فلم پروڊڪشن کي رڳو تفريح جي ڏس ۾ نه پر اسڪرين ٽوئرازم، بياني سازي، تهذيب ۽ ثقافت جي زبان جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان فلم ??ريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلم ??نڊسٽري جي ترقي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1948ع ۾ پاڪستان جي پهرين فلم ??ي شروعات ٿي ته ان وقت لاهور فلم پروڊڪشن جو مرڪز هو. پهرين فلم ??يري ياد سان فلم پروڊڪشن جي شروعات ٿي. پاڪستان جي فلم ??نڊسٽري لالي ووڊ جي نالي سان مشهور ٿي، ان وقت پاڪستان جو بيانيو به تمام بهتر هو. هن چيو ته اسان پ??هن??ي ثقافت جي ذريعي دنيا سان ڳنڍيل هئاسين، 1971ع ۾ پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪستان جي اندر فلم ??ي ڊيمانڊ هئي، پاڪستان جا ماڻهو پ??هن??ي ثقافت اسڪرين تي ڏسڻ پسندا ڪندا هئا جڏهن ته ڪيترائي اداڪار پاڪستان جي سڃاڻپ هئا. هن چيو ته ان دور کانپوءِ 25 کان 30 سالن جو عرصو پاڪستان فلم ??نڊسٽري جي لاءِ تمام مشڪل گذريو، اسڪرين تي اسان جو اميج به ڪمزور ٿي چڪو هو، پاڪستاني فلم ??نڊسٽري جي خاموشي سان گڏ اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي هئي. هن چيو ته 2011ع ۾ فلم ??نڊسٽري ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي، ان وقت اسان جي نوجوان نسل ۽ نئين پروڊيوسرز ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فلم ??هو ذريعو آهي جنهن کي ملڪن پ??هن??ي بيانيي جي جوڙجڪ جي لاءِ استعمال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب سان گڏوگڏ شارٽ فلم ??ي اهميت به وڌي رهي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران شارٽ فلم ??ي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان ڪافي موبلائيزيشن ٿي، اها ئي شارٽ فلم ??ي طاقت آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان جي پهرين فلم ??ينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هو، 18 هين ترميم کانپوءِ فلم ??يئن ته صوبائي سبجيڪٽ هو، ان وقت پنجاب ۾ سئنيما گهرن تي اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف کي فلم ??نڊسٽري جو احساس هو، هن سئنيما گهرن تي انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي هئي، فلم فنانس فنڊ پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو. هن چيو ته 2022ع جي بجيٽ ۾ اسان پهرين نيشنل فلم ??ينڊ ڪلچرل پاليسي تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي، ان پاليسي تحت فلم ??نڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪيا ويا، هاڻي پاڪستان ۾ فلم ??نڊسٽري تي زيرو ٽيڪس آهي. هن چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ آءِ ايس پي آر ۽ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فيسٽيول ۾ ڪامياب ٿيندڙ 15 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏني پئي وڃي. انهن نوجوانن جي لاءِ اسڪالرشپس اسپانسر ڪرڻ تي ڊي پي ورلڊ جا پڻ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ فلم ميڪنگ جو نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي، ان سان اسان جا شاگرد پاڪستان ۾ فلم ??ازي سکي سگهندا. هن چيو ته فنڪارن جي سپورٽ جي لاءِ فلم ??رٽسٽ فنانس فنڊ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر فنڪارن جي ميڊيڪل انشورنس جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته جڪڏهن فلم ??نڊسٽري ائين ئي ترقي ڪندي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جو بيانيو مثبت طريقي سان دنيا آڏو اجاگر ٿيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد شارٽ فلم ??ي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت شخص اجاگر ڪرڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ شارٽ فلمز مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته هن ڀيري شارٽ فلم ??و ٿيم سمنڊ ۽ جبل آهي. تقريب کي ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم پڻ خطاب ڪيو.