اسلام آباد – 07 – ??سمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ?? قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قطر جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قطر جي سفير قطر جي عوام ۽ قيادت پا??ان پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قطر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قطري قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پا??ان ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ?? قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ?? اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.