اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان ک?? نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان ج?? نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪس??ان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪس??ان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پ??ڪس??ان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پ??ڪس??ان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل ??يڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه اي??يا)، آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پ??ڪس??ان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل ??يڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل ??ڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.