اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ليفٽيننٽ ??نرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري ۽ لفيٽيننٽ ??نرل سيد عاصم مني?? جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اسٽاف مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان ص???? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ليفٽيننٽ ??نرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري ڪري ڇڏي. بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ليفٽيننٽ ??نرل سيد عاصم مني?? جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اسٽاف مقرري ڪري ڇڏي. چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر ترقيون ۽ مقرريون آئين جي آرٽيڪل 243 چار اي ۽ بي، آرٽيڪل 48 ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع جي سيڪشن 8 اي ۽ 8 ڊي تحت ڪيون. صدر ان حوالي سان خميس ڏينهن ملندڙ سمري تي صحيحون ڪيون.