اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڪشمي??ين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل ??هي، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشمي??ين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني عوام ڪشمي??ين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.