اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف به مو??ود هو. وزيرا??ظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون ت?? خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وزيرا??ظم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.