اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ه??ايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇوٽ ج?? منظوري ڏني ه??ي، ٻوڏ متاثرين جي ??دد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽي??س کان ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇوٽ ج?? منظوري تي فوري عمل ٿيو هو، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلا??ي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو.