اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪ??ڊم?? (آءِ ايس اي) جي اهتمام هيٺ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) 23 – 2022ع تحت اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن جي لاءِ صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ريڊيو پاڪستان (پي بي سي) جي آفيسرن جي لاءِ پراجيڪٽ مانيٽرنگ اينڊ ايويليوايشن سس??م (پي ايم اي ايس) بابت هڪ ڏينهن وا??و ورڪشاپ ۽ ”آءِ ٽي ڊيجيٽل ميڊيا ۽ ماس ڪميونيڪشن“ ۾ هڪ هفتي جو تربيتي ڪورس منعقد ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ميڊيا مئنيجمينٽ ۽ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا ۽ تشهير جي لاءِ آءِ ٽي جي استعمال سميت ميڊيا سان لاڳاپيل شعبن ۾ پنهنجي آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ترقياتي منصوبن جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد جي حوالي سان آفيسرن ۾ بنيادي ڄاڻ پيدا ڪرڻ جي پڻ خواهشمند آهي. هن انفارميشن سروس اڪ??ڊم?? جي اهتمام هيٺ پي ايس ڊي پي 23 – 2022ع منصوبي تحت صلاحيت ۾ اضافي جي پروگرام جاري ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن آءِ ايس اي جي حصيداري سان هڪ ڏينهن وا??و پي ايم اي ايس ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پراجيڪٽس ونگ، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??ي وزارت خاص طور تي ڊي جي (ايم آئي ايس) عمران لياقت بيگ کي ساراهيو. ان کان اڳ ڊي ايس (سي اينڊ ڊي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت محمد عثمان ڊار خصوصي ورڪشاپ جي مقصدن اتي روشني وڌي جنهن کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وزارت جي ماهر خضر حيات صابري ترقياتي منصوبن جي مختلف رخن، انهن جي نگراني ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ جي طريقن تي تفصيلي روشني وڌي. عمران لياقت بيگ ۽ خضر حيات صابري اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي مختلف کاتن جي اٽڪل 30 شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد هڪ ڏينهن وا??ي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سووينيئر ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??ي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.