اسلام آ??اد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ان قابل ??در حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم ک?? ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دوستاڻن ۽ ت??او?? تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ??ندي وزيراعظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ م??او??ت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي ت??او?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم ک?? ورجائيندي هن پاڪستان جاپان ت??او?? کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪستان سان جاپان جي مسلسل ت??او?? جي عزم کان آگاهه ڪيو. وزير هونڊا تارو وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ ت??او?? بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.