لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست ??نظ??ر ڪري و??تي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي و??ير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي و??ي جنهن کي عدالت ??نظ??ر ڪري و??تي. وزيراعظم شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي و??ي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي ??نظ??ري به ورتي و??ي هئي، مون پنجاب جي وڏي و??ير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز ??ليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي و??يراعظم شهباز شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز ??دالت کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي و??ي آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ڇو?? لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري و??تو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست ??نظ??ر ڪري و??تي ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.