ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي م??ار تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدمت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي م??ار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد تي توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه اح??را?? جي اظهار طور توهان جي م??ار تي حاضر ٿيو آهيان، اسان توهان کان مغذرت خواهه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن جي توهان کي اسان مان اميد هئي. اهڙي طرح توهان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئون توهان سان پختو وچن ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ?? ڪوشان رهن??س ته آئون توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.