اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي ??نصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئ?? ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي فلاحي ??نصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ??يندا، ترقي جو سفر اتان شروع آهي، جتان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ضايع نه ??يڻ ڏينداسين.