اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عام چونڊن جي اسان جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان، جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان ئي رجوع ڪندا آهن، ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش جو آ??ه ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جون شرمناڪ منڊيون سجائي قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري. پي ڊي ايم جي ردعمل جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چي?? ته عام چونڊن جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ردعمل تي حيران آهيان. ??ن چيو ته پي ڊي ايم ته آسمان سر تي کڻي ڇڏيو هو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ عوام ۾ پنهنجي تائيد ۽ مقبوليت وڃا??ي ويٺي آهي ته هاڻي پي ڊي ايم چونڊن کان خوفزده ڇو آ??ي. وزيراعظم چي?? ته جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان رجوع ڪندا آهن. ??ن چيو ته ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش ۾ آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جي شرمناڪ منڊيون سجائي اسان جو قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري.