اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) از??ڪستان جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. از??ڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا مي??بر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا مي??بر شامل هوندا. 2016ع ۾ صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ از??ڪ صدر مرزيوئيف جو پاڪستان جو هي پهريون دورو هوندو. از??ڪ صدر اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آه?? جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آه??. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران پاڪ از??ڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، ??عل??م، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ??ند??. وزيراعظم عمران خان از??ڪستان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم از??ڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. از??ڪ صدر مرزيوئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، ??عل??مي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، پاڪستان ۽ از??ڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. از??ڪ صدر جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪستان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آه??. ان ويزن ۾ سياسي، سفارتي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آه??.