اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ت??ين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي ط??ر تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي ط??ر تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ت??ين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.