اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي، پاڪستا?? جي عوام ۽ ادارا ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انه?? جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏينهن آهي، جنهن کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قوم?? جي انساني حق?? جي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انساني حق?? جي پائمالي?? جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ڪشميرين کي انه?? جي بنيادي حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هندوئ?? جي نوآبادڪاري جي سازش کي فروغ ڏئي رهيو آهي ته جيئن والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀ??رتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انساني حق?? جي بدترين پائمالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو آهي پر انه?? جي غير قانوني قدمن تي آواز اٿي رهيا آهن، ڀارت جي موجوده حڪومت نه رڳو ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀارت ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ?? وقت اچي چڪو آهي ته گڏيل قوم?? جي انساني حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ ڪشمير?? جي خواهشن موجب حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.