اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چي?? هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل ج?? فيصلو ڪرڻ لاءِ خود مختياري جو موقعو فراهم ڪري، اڄ سڄي دنيا سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۾ اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پ??و وڃي. مملڪتي وزير فرخ ح??يب 5 جنوري خودمختياري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چ??و وي?? هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل ج?? فيصلو ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراهم ڪري. مملڪتي وزير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀارت کڻي وي?? هو ۽ ڀارت متفقه قرارداد جي ذريعي سڄي دنيا سان وچن ڪي?? هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ ح??يب چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو جاري رکيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍ??و وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.