اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪ??ري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پ??دا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ص??ار?? هيٺ ترجيحي شعبن جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، صلاحڪارن شوڪت فياض ترين، معيد يوسف، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ جي چيئرمين خالد منصور، سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ??ه حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪ??ري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پ??دا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته سيڙپڪارن کي مفيد ماحول جي فراهمي لاءِ سمورا حڪومتي ا??ار?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهد??ري (سي پيڪ) جي فيز 2 تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، ڌاٻيجي، علامه اقبال ۽ بوستان خصوصي صنعتي زونز ۾ گئس ۽ بجلي جي فراهمي تي ڪم تيزي سان ج??ري آهي. بنيادي طور تي صنعتن جي تعمير لاءِ گهربل بجلي ۽ گئس ميسر آهي جڏهن ته صنعتن ۾ سيڙپڪ??ري سان گڏوگڏ باقي گهربل بجلي ۽ گئس جي فراهمي به ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سي پيڪ اٿارٽي پاران پلگ اينڊ پلي ماڊل جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪم ج??ري آهي، ماڊل تحت سيڙپڪارن جي سمورين ضرورتن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي پورو ڪري انهن علائقن ۾ صنعتن جي تعمير ۾ تيزي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي صنعتن جي تعمير، مختلف ادارن کان گهربل منظورين ۽ اهم معلومات جي فراهمي لاءِ سيڙپڪ??ري بورڊ پاران پورٽل تي به ڪم تقريبن مڪمل آهي جنهن کي جلد ج??ري ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ تحت منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ترقياتي ڪمن جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ باقاعده سسٽم ج??ري ڪيو ويو آهي. برآمدي شعبن ۽ صنعتن جي نشاندهي ڪري ايس اي زيز ۾ سيڙپڪ??ري کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي شعبي ۾ نه رڳو ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪم تيزي سان ج??ري آهي، پر شعبي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معاهدا به ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 بابت سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايتون ج??ري ڪيون.