اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضائيه جي افغانستان ۾ ??نج??ير تي حملي بابت ڀ??رتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي نقاب ڪيو. اط??اعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي ??نج??ير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پاڪستان ايئر فورس جي ??نج??ير تي حملن باب?? جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.