اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ درياءُ مان ٿي نڪتي آهي، اسان هزارين ماڻهن جون قربانيون ڏنيون آهن، انهن قربانين جي نتيجي ۾ اسان القاعده جهڙي دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني، هندستان جي باقيات کي به مڪمل ڪيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم اڄ جيڪي اصول جوڙيا اهي ئي اصو?? آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي واپس رستي تي آڻي سگهون جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان ج?? رستي تان جدا ٿي ويا هئا ته جئين اهي هڪ عام شهري جي حيثيت س??ن پنهنجي زندگي گذاري سگهن، جمعي کانپوءِ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن چي?? ته وزيراعظم پاڪستان جي بيان کي کڻي ڪافي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ضروري آهي ته ان جو هڪ پس منظر عوام جي سامهون رکيو وڃي، هن چي?? ته الحمدالله اڄ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ پرعزم بيٺ?? آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، چوڌري فواد حسين چي?? ته رياست جون پاليسيون هڪ مخصوص پس منظر ۽ مخصوص حالتن تحت ٺهنديون آهن، انهن مخصوص حالتن ۾ بي شمار خاندان ۽ ماڻهو جيڪي پاڪستان سان عهد وفا نه نڀائي سگهيا، اهي هي عهد نڀائڻ واپس اچڻ چاهين ٿا، هن چي?? ته بلوچستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اهي ماڻهو ناراض هئا ۽ هندستان جي چالاڪين جو شڪار ٿيا، اهي واپس اچي چڪا آهن، اهڙي طريقي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا مختلف گروه آهن انهن گروهن مان به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان سان پنهنجي وفا جو عهد نڀائڻ چاهين ٿا ۽ هڪ صلح جو، امن پسند ۽ آئين کي مڃي اڳتي هلڻ جو پيمان ڪرڻ چاهين ٿا، هن چي?? ته اسان ??و مڃڻ آهي ته رياست کي اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو زندگي جي ڌارا ۾ واپس اچي سگهن، چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم جيڪي اڄ اصول جوڙيا آهن جن جي مٿان اسان کي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، هي اهي ئي اصو?? آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان ج?? رستي تان جدا ٿي ويا هئا، کي واپس رستي تي آڻي سگهون ۽ هو پاڪستان جي هڪ عام شهري جي حيثيت س??ن پنهنجي زندگي گذاري سگهن.