اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين ج??ن اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ا??ب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين ج??ن اوڳاڙيون ٿيون آهن جيڪي گذريل سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو و??يڪ آهن.