ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪستان ۾ زراعت جي ??اءِ انتهائي سازگار موسم ۽ گرمي پد آهي ان مان پورو فائدو کڻنداسين، زراعت کي بهتر ??ڻائي 25 کان 30 ارب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا، آبادگار ڪارڊ هڪ شاندار منصوبو آهي ان سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو. ملتان ۾ آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي دور ۾ آبادگارن کي ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت ڏني وئي جن??ن سان کين 500 ارب ر??پيا وڌيڪ مليا آهن.