اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لا??ِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 ر??يا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لا??ِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت ليٽر آف ڪريڊٽ جي لا??ِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.