اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقتدا?? کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيو??ڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ??رپشن جي خلاف نڪرندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري ق??ت سان جاري رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين جتن ڪري وٺن، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.