اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت?? ۽ ??ول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي ش??وليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاء?? کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف ع??وي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي ش??وليت سان گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.