اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي حوا??ي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر رو??نگ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ??يو آهي ته استعيفائن جي تصديق نه ٿي سگهي ان لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت نه آهي. قومي اسيمب??ي سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ڊاڪٽر م??مد سجاد اعواڻ جي استعيفائن جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي رو??نگ ۾ چيو آهي ته ٻنهي ميمبرن استعيفائن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ميمبرن پنهنجي استعيفائن کي جعلي قرار ڏنو آهي، مليل استعيفا لاڳاپيل ميمبرن جون ثابت نه ٿي سگهيون، استعيفائن تي ڪارروائي قانون، قاعدي، گائيڊ ۽ لائنز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عملي ۾ آندي وئي.