اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ??نه?? جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدران مايوسي ۽ شڪست وارو ماحول اڀري رهيو آهي، نواز شريف، آصف زرداري، مول??نا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سموري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿ??نه??ن سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته ??نه?? کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مول??نا فضل الرحمان سدائين غيرجمهوري طريقا استعمال ڪيا ??نه?? لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو آهي، وفا??ي ڪابينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ ??ينس 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پيداوار و??ري وزير جي شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.