اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان بوسنيا سان پنهنجي پارلياماني لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ي ٿو ۽ گڏيل پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني رابطن جي ذر??عي ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ڪاروباري شعبن ۾ سگهه اچي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن بوسنيا هرزيگوينا جي پريذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.