اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدي?? جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي را??طا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصا?? ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻه?? جي زندگين ۽ انه?? جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انه?? جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي پي آر ايس ايس جي نمائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ??سل??ان اڪثر??ت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينش?? جي کليل خلاف ورزي آهي.