اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي سان گڏ ڪچي آبا??ين کي ترقي يافته علائ??ن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائوسنگ ??ين?? ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين، انهن علائ??ن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ به طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪچي آبا??ين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽراز، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ ريلوي ڪچي آبا??ين جي ترقي ۽ انهن جي رهواسين کي متبادل انتظامن جي فراهمي جي سلسلي ۾ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هائوسنگ ??ين?? ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي جي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين. انهن علائ??ن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ پڻ طريقيڪار تيار ڪيو وڃي.