اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم ع??را?? خان ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ و??ير??عظم ڪرونا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو متاثر ٿيندو، چين جهڙ??ون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏيان ها، ملازمن کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعتن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪرونا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻ??ي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ و??ير??عظم ع??را?? خان چيو ته ڪرونا وائرس جڏهن چين جي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪروڙ ماڻهن کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي به نڪرڻ نه ڏنو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چين آندو، هن چيو ته اسان جي معاشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪريون.