اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جنگ پنگ کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪرون?? وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ چين جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي طرفان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ڪرون?? وائرس سبب ٿيندڙ قيمتي جاني نقصان تي چين جي صدر سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڪرون?? وائر?? جي روڪٿام ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ چين طرفان ڪيل اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.