ميرپور – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته مودي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهجان، پاڪستان ت?? حملو ??نهنجي آخري ??لطي هوندي، پاڪستان ۾ ڪير به موت کان نه ٿو ڊڄي، اسان الله تي ايمان رکون ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو رهي سگهي جنهن ڏينهن ڪرفيو ختم ٿيو انسانن جو سمنڊ آزادي جو آواز بڻجي نڪرندو ۽ مودي جي هٿ ۾ ڪجهه نه رهندو، پاڪستان جنگ نه پرامن طريقي سان مسئلن جي حل جو خواهشمند آهي، اڄ پوري ??نيا والاريل ڪشمير جي ع??ام جي حالتن کان آگاهه آهي، ڪشمير جو مسئلو ??المي سطح تي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.