اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اقتصادي ٽيم مڪمل ??م آهنگي سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي، پوري ٽيم کي وزيراعظم عمران خان جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، پاڻ ۾ اختلافن جون خبرون بي بني??د، گمراهه ڪندڙ ۽ مفاد پرستن جي خواهش تي ٻڌل آهن.