اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ شيخ عبدالمتين چيو آهي، ته 5 آگسٽ کي پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي يوم استحصال طور ملهائڻ ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال ڏانهن ڇڪائڻ آهي. يوم استحصال جي موقعي تي اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چي?? ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ ۽ ڪشميرين سان ڀرپور طريقي سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. هن چي?? ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ جو پيغام اهو آهي ته ڪشميرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي ۽ ڪشم??ري خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي. شيخ عبدالمتين چي?? ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪلز 35 (اي) ۽ 370 کي ختم ڪيو، ڪشم??ري خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت طرفان انهن آرٽيڪلز کي ختم ڪرڻ پٺيان جيڪي ناڪام ارادا آهن انهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڊيمو گرافي کي تبديل ڪرڻ آهي. انهي لاءِ ڀارت غير رياستي رهواسين کي لکين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ غير رياستي رهواسين کي والاريل علائقي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته ڪشميرين کي انهن جي ملڪيتن مان به بيدخل ڪيو پيو وڃي. حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ چي?? ته اسان 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملها??ي رهيا آهي??ن، ڪشميرين جو آواز خوداراديت واري حق جو آواز آهي، جنهن لاءِ ڪشم??ري لازوال قربانيون ڏ??ي رهيا آهن. هن سڄي دنيا کي اپيل ڪئي ته هو ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شيخ عبدالمتين چي?? ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ سميت وڏي تعداد ۾ ڪشم??ري اڳواڻ ۽ بيگناهه شهري جيلن ۾ قيد آهن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمي?? بابت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جون ٻه رپورٽون 2018 ۽ 2019ع ۾ شايع ٿيون هيون جن ۾ چيو ويو ه?? ته والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون پائماليون ٿي رهيون آهن. هن چي?? ته ڪشميرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي. ڪشمي?? بابت گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، ان لاءِ ڪشميرين جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي جدوجهد جاري رکن. حريت اڳواڻ چي?? ته ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي 10 لک کان وڌيڪ فوجي قابض آهن جن کي ڪاري قانون تحت کُلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هو ڪنهن کي به قتل ۽ نقصان پهچائي سگهن ٿا پر هو ڪنهن عدالت ۾ جوابده ناهن، ان ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشم??ري لازوال قربانيون ڏ??ي رهيا آهن. شيخ عبدالمتين چي?? ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ملندو، ڀارت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشم??ري پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندا.