اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عا??مي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته عا??مي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي ڀرپ??ر شرڪت سان جتي عا??مي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪر??يو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ايڪسپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عا??مي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ايڪسپو جي حوالي سان تيارين کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.