اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي ??زير سينيٽر پرويز رش??د چيو آهي ته چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي انهن جي توثيق ڪري ڇ??ي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط لکي ڇ??يو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي تجربن کي سامهون رکون ها ته پاڪستان جو اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺ??ي ها، جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ٽٽي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي آئين ۽ قانون مو??ب حتمي شڪل ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ميمبرن مان ٻن کي اڍائي سال ۽ ٻن کي 5 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪُڻن ذريعي ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر پرويز رش??د جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.